نئون ديرو ۾ قديم درگاهه شهيد گرگهل شاهه بادشاهه جو ساليانو عرس اڄ کان شروع

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو ۾ قديم درگاهه شهيد گرگهل شاهه بادشاهه جو 270 هون ساليانو عرس اڄ کان شروع ٿي ويو آهي، عرس تقريبن جو افتتاح ميلا ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سجاد حسين چنه، سينيئر صحافي رحمت الله موريو، درگاهه جي خدمتگار فقير علي حسن چنو ۽ ٻين دهل شرنائن تي شهيد گرگهل شاهه بادشاهه جي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪرڻ بعد ڪيو ويو.

هي ميلو 20 جنوري تائين جاري رهندو جنهن ۾ مٺائي، آرٽيفيشل جيولري، موت جو کوهه، چڙيا گهر سمت جهولا ۽ چوڏهيل لڳائي ميلي جي شروعات ڪئي وئي، جڏهن ته ميلي جي پهرين ڏينهن تي ملاکڙو پڻ ٿيو جنهن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن شرڪت ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمائي ڪئي.

ملاکڙي جي خاص مهمانن سجاد حسين چنه، سيد سڪندر علي راشدي، رحمت الله موريو، فقير علي حسن چنه ۽ ٻين ملاکڙي ۾ زور آزمائي ڪندڙ ملهه پهلوانن کي روڪ انعام ڏئي، سندن حوصلا افزائي ڪئي.