چين ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي

news

بيجنگ: (اڱارو 19 جنوري 2021ع) چين ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال گذريل سال مارچ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي ۽ روزاني جي بنياد تي نوان ڪيس سامهون اچڻ جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب چين اهو ملڪ آهي جتي ڪورونا جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو هو ۽ پوءِ موذي وائرس دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجي ويو. جنهن سبب دنيا ۾ فضائي آپريشن بند، معاشي سرگرميون ٺپ ۽ اسپتال مريضن سان ڀرجي ويا هئا.

چين پنهنجي بهترين صحت واري نظام ۽ سخت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي سڀني کان پهريان هن وبا تي ڪنٽرول ڪري ورتو هو پر هاڻ ٻيهر چين ۾ به اها وبا ڪر کڻڻ لڳي آهي.

مارچ 2020 کان پوءِ کان چين هن وقت سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. چين جي قومي صحت واري اٿارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ گذريل هفتي روزاني جي بنياد تي سئو کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته سومر تي 118 نوان مريض سامهون آيا آهن.

نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب نون ڪيسن ۾ 106 مقامي هئا جن مان 35 گادي واري شهر بيجنگ ۾ هئا جڏهن ته 43 ڀرپاسي جي علائقن مان رپورٽ ٿيا آهن.