مبارڪپور ڀرسان ٽرالر جو رڪشي کي ٽڪر، کير پياڪ ٻارڙو ۽ سندس امڙ ٿڏي تي فوت، پنج زخمي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو رڪشي کي ٽڪر، کير پياڪ ٻارڙو قيصر ۽ سندس امڙ جيئند خاتون ٿڏي تي فوت، پنج زخمي.

خبر موجب مبارڪپور ڀرسان جيڪب آباد - شڪارپور قومي شاھراهه تي لاڏائو خاندان سان خوفناڪ حادثو، شڪارپور ڏانھن ويندڙ ٽرالر جي پٺيان لڳندڙ رڪشي جو ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ماءُ جيئند خاتون  ۽ ان جو کير پياڪ پٽ قيصر ٿڏي تي فوت ٿي ويو

جڏهن ته چار عورتون نصرت، ھيران، مومل ۽ روشني سخت زخمي ٿي پيون، جن کي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو.

ھوڏانھن ھمايون پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، حادثي بعد ٽرالر ۽ رڪشا ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.