پي سي بي پاران ڀارت سان نشرياتي ٽن سالن جو معاهدو ٿيندو

news

لاهور: ڀارتي نيٽ ورڪ جي پي سي بي سان شروعاتي ڳالهين ۾ نشرياتي حقن جي  3 سالن واري معاهدي تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي جڏهن ته اهڙو بيان ڀارت جي هڪ ويب سائيٽ جاري ڪيو آهي، اهو به ٻڌايو ويو ته پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني ڀارت ۾ نشريات ڏيکارڻ لاءِ خدمتون حاصل ڪرڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو.

هن جو چوڻ آهي ته ميچ ڀارت ۾ ڏيکاريا ويندا، انهن معاملن کي آئون نه پر ڪمرشل شعبو ڏسندو آهي، اسان ان ڊيل جي تمام گهڻو ويجهو آهيون.

ان حوالي سان پي سي بي جي ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن سميع الحسن جو چوڻ آهي ته اڃان اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جڏهن ٿيندي ته اعلان ڪنداسين.