مولانا فضل الرحمان جو حڪومت جي خاتمي تائين پي ڊي ايم تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ناجائز قرار ڏيندي ان جي خاتمي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ۾ هن جو چوڻ هو ته اسان اها جدوجهد ڪري قوم کي ان ڪرب مان ڪڍنداسين. پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ اڄ سياسي قيادت گڏ ٿي آهي. اسان انهن جو پيڇو ڪنداسين، حالتن ۾ گرمي آڻينداسين، ڳچي مٿي کڻي هلڻ اچي ٿو، جهڪائڻ نه.