لسبيله ويجهو روڊ حادثو، ٻن ليويز اهلڪارن سميت اٺ ڄڻا اجل جو شڪار

news

ڪوئٽه: (اربع 20 جنوري 2021ع)  لسبيله ويجهو روڊ حادثي سبب 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ضلعي لسبيله جي علائقي بيله ۾ مسافر ڪوچ نمي چيڪ پوسٽ ويجهو تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

فوت ٿي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ بيله اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايدهي ذريعن موجب حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ ڪوئٽه  کان ڪراچي وڃي رهي هئي جنهن ۾ 28 مسافر سوار هئا.

روڊ حادٿي ۾ 2 ليويز اهلڪارن سميت 8 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي بيله اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.