وزيراعظم وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سهولت کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

وانا: (اربع 20 جنوري 2021ع) وزيراعظم عمران خان وزيرستان ۾ فوري طور تي 3 جي ۽ 4 جي انٽرنيٽ سهوليت کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪوشش آهي ته پوئتي رهيل ماڻهن ۽ علائقن کي اڳيان کڻي اچون. جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن انهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کولينداسين. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي قائم ڪئي هئي ڏکڻ وزيرستان ۾ به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين.
وزيراعظم چيو ته اسان جي سڀني کان وڏي طاقت نوجوان آهن ۽ جيڪڏهن سٺي تعليم ۽ فني تربيت ڏني وڃي ته اهي نه صرف پنهنجي خاندان پر ملڪ کي به مٿي کڻي ويندا. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ تباهي هن علائقي ۾ ٿي. اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته وزيرستان جي هر طرح سان مدد ڪئي وڃي. هتي نوجوانن کي سڀني کان وڌيڪ ضرورت روزگار جي آهي ايندڙ سال هتي جي نوجوانن کي وڌيڪ قرض ڏنا ويندا.
وزيراعظم چيو ته ڏکڻ وزيرستان جا ماڻهو هميشه پاڪستان جي لاءِ بيٺل هوندا آهن. ڪيترن ماڻهن اها ڪوشش ڪئي ته قبائلي علائقا صوبن ۾ ضم نه ٿين. وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي قبائلي علائقن جي لاءِ بهترين فيصلو هو. اسان جو دشمن پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ۾ انتشار پکڙجي. بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان جي لاءِ موبائل فون تي انٽرنيٽ سروس کي استعمال ڪيو پيو وڃي. مان فوج سان ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو آهي ته هي سهوليت فراهم ڪئي ويندي. اڄ کان وزيرستان ۾ 3 جي ۽ 4 جي سهوليت کولي ويندي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي حڪومت اوهان جي حڪومت آهي. اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته هن علائقي کي مٿي کنيو وڃي. وزيرستان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. احساس پروگرام جي تحت غريب ماڻهن کي پئسا ڏنا ويندا.

66