سڪرنڊ: ٻن چنگچي رڪشائن جو پاڻ ۾ ٽڪر، عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

news

سڪرنڊ(رپورٽ: مشتاق سولنگي)  ڳوٺ گهنڊيا وٽ 2 چنگچي رڪشائن جو پاڻ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، رڪشا ۾ سوار عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ محمد سليم سولنگي، سڌير چانڊيو، مسمات اڪبر زادي ۽ مسمات نظيرا زخمي ٿي پيا آهن جن کي همدرد فري ايمبولينس ذريعي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جنهن مان ھڪ ڄڻي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاھ اماڻيو ويو آھي.