بدين ۾ نقلي ڪرنسي نوٽ ايزي پئسا ڪرائيندي ٻه ڄڻا سوگها، ڪيس داخل

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد)  بدين ۾ نقلي ڪرنسي نوٽ ايزي پئسا ڪرائيندي ٻه ڄڻا سوگها، ڪيس داخل

خبر موجب بدين شهر جي مهراڻ چوڪ ۾ هڪ موبائل فون جي دڪان تي ايزي پئسا جي رقم موڪلڻ دوران مبينا طور 20 هزار رپين کان مٿي نقلي ڪرنسي نوٽ جمع ڪرائڻ واري دڪان مالڪ رجب ملاح جي شڪايت تي پوليس ٻن جوابدارن راحيل پٽ ڪامران خانوٺي ۽ سڪندر ولد حميد عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي خلاف دڪان مالڪ رجب ملاح جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.