گوادر ٽيڪس فري زون لاءِ مشينري جي امپورٽ تان ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: سي پيڪ تحت گوادر ٽيڪس فري زون لاءِ رعايتي ٽيڪس جي شرح ۽ صفر ڊيوٽي تي مشنيري جي امپورٽ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر گوادر ٽيڪس فري زون رولز جو مسودو تيار ڪيو آهي، رولز تحت سيڙپڪار لائنسنسنگ اٿارٽي کان لائسينس حاصل ڪرڻ کانپوءِ يوزر آءِ ڊي ۽ لاگن پاسورڊ لاءِ درخواست ڏئي سگهندا.

ايف بي آر رولز موجب سيڙپڪار صفر ڊيوٽي تي پلانٽس ۽ مشينري گهرائي سگهندا البت پلانٽس ۽ مشينري کي پنجن سالن تائين ٽيڪس فري زون کان ٻاهر معمول جي ٽيرف ايريا ۾ وڪرو نٿو ڪري سگهجي، پنجن سالن کان اڳ ٽيڪس فري زون کان ٻاهر ٽيرف ايريا ۾ وڪرو جي صورت ۾ ڊيوٽي ۽ ٽيڪس سئو سيڪڙو وصول ڪيا ويندا.