فيصل آباد: هڪ ٻيو شهري پوليس گردي جو شڪار، ڪيس داخل، وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

news

فيصل آباد: (خميس 21 جنوري 2021ع) پيٽرولنگ پوليس جي فائرنگ سبب شهري جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڏي وزير عثمان بزدار به واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس طرفان ڪيل فائرنگ ۾ 3 ٻيا ڪار سوار به زخمي ٿيا آهن. رپورٽن موجب پيٽرولنگ پوليس جي چوڪي روشن والا ڊجڪوٽ جي سامهون پيٽرولنگ پوليس ڪار کي روڪيو پر ڪار نه رڪجي، نوجوان جي ساٿين موجب انهن کي پوليس جو اشارو نظر نه آيو. پوليس وارن  پيڇو ڪيو ۽ ڊجڪوٽ جي علائي 258 پيراله ۾ نوجوان کي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل  ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کي ڪوڙو پوليس مقابلو ٻڌايو.

  مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران احتجاج ڪرڻ تي  آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس ورتو ته سي پي او فيصل آباد ۽ ايس ايس پي پيٽرولنگ پوليس  انڪوائري ڪئي. پوليس جي انڪوائري ۾ ملازمن جي غلطي ثابت ٿي. جنهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس پهريان ڪار کي روڪيو ان دوران شهري ۽ اهلڪارن ۾ منهن ماي ٿي پئي. گاڏي ڀڄائڻ تي پيٽرولنگ پوليس گاڏي جو پيڇو ڪيو  جنهن کان پوءِ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. واقعي کان پوءِ سي پي او آءِ جي کي شروعات جاچ رپورٽ اماڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهلڪارن ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪار جي نه رڪجڻ تي پوليس اهلڪارن پيڇو ڪندي فائرنگ ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪار ۾ سوار شهري گاڏي ڇڏي پنڌ ڊوڙڻ لڳا.

رپورٽ موجب فائرنگ سبب وقاص نالي شخص سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فورت ٿي ويو. شروعاتي جاچ ۾ پيٽرولنگ پوليس جي ڪوتاهي قرار ڏني وئي آهي. اهلڪارن اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو ۽ قائدا نظر انداز ڪيا. پيٽرولنگ پوليس جي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.