هن سال شاگردن کي امتحانن کانسواءِ پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

news

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري صوبائي سعيد غني جو چوڻ آهي ته هن سال ڪنهن به حالت ۾ امتحانن کانسواءِ شاگردن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو.

سنڌ جي صوبائي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته امتحانن جي شڊيول ۽ سليبس بابت به صلاح ڪئي وئي.

ان موقعي تي سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪورس کي ان کان گهٽ نٿو ڪري سگهجي پوءِ ڇو نه امتحانن کي ري شيدول ڪرڻو پوي ، اسان کي غيرمعمولي حالتن کي نظر ۾ رکي غير معمولي فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته ڪورونا جي ڪري تعليمي شيدول ڪافي متاثر ٿيو آهي ايجوڪيشن اسٽيرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تعليمي صورتحال تي گفتگو ڪئي ۽ اتفاق ٿيو ته اسان کي امتحان تڪڙ ۾ نه وٺڻ گهرجن، 60 سيڪڙو نصاب کي پڙهائڻ يقيني  بڻايو وڃي، تعليمي ۽ امتحاني شيڊول جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا هڪ هفتي ۾ هلندڙ سال ۽ ايندڙ سال جو تعليمي شيڊول ٺاهي ڏيندي.

هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ 50 سيڪڙو ٻار ايندا رهندا ۽ ڪورونا ٽيسٽ به هلندڙ هوندي.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته نصاب گهٽ ڪرڻ باوجود به نه پڙهايو وڃي اها زيادتي هوندي، هن سال ڪنهن به حالت ۾ امتحانن کانسواءِ شاگردن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو.