پاڪ آرمي ۽ ضلعي انتظاميا پاران ٽن ڏينهن جي سائيڪل ريس

news

مٺي: ٿرپارڪر مٺي ۾ پاڪ آرمي ۽ ضلعي انتظاميا طرفان ٽن ڏينهن جي سائيڪل ريس جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

مٺي ۾ ٿيندڙ سائيڪل ريس ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، نوابشاهه ۽ پاڪ آرمي جون ٻه ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ريس جو ٽريڪ 180 ڪلوميٽر طويل آهي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي، ريس جي آخر ۾ انعام ورهايا ويندا.

پروگرام پاڪ آرمي انويٽيشن ٽور دي ٿرپارڪر پاڪستان زندهه آباد سائيڪل ريس جي عنوان تحت مٺي کان شروع ڪيو ويو آهي، ريس ۾ سنڌ جي مشهور سائيڪل ريسر نوجوانن حصو ورتو جڏهن ته ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر، پاڪ فوج، سماجي ادارن ۽ شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.