ڪراچي جي وڻندڙ موسم ۾ پروٽيز جو چهرو ٻهڪي پيو

news

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڻندڙ موسم جي ڪري پروٽيز جو چهرو ٻهڪي پيو.

پاڪستان جي ٽوئر تي آيل آفريقي ٽيم ڪراچي جي وڻندڙ موسم ۾ ڪافي خوشي محسوس ڪئي.

اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ ايڊرين لي روئڪس هڪ ڏکڻ آفريقي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪراچي جي موسم ڪافي وڻندڙ آهي ۽ ڏينهن جي وقت حرارت جو درجو 20 کان 30 سينٽي گريڊ جي وچ تي هوندو آهي، اها شيءِ اسان لاءِ حقيقت ۾ پلس پوائنٽ آهي، باقي پاڪستان ۾ جيڪي پابنديون، بائيوببل ۽ مشڪلاتون آهن ان کي باقي دنيا ۾ به منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي حوالي سان ايڊرين لي روئڪس چيو ته فاسٽ بالرز هميشه انجريز جي زد ۾ هوندا آهن، ان ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ ميدان تي لهڻ کان اڳ هنن کي مخصوص انداز ۾ بالنگ جي ضرورت هوندي آهي، ڪووڊ ۾ اها شيءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي.