مبارڪپور ڀرسان ميرل پراڻو ۾ پنج ورهين جي نينگري پاڻي جي تلاءۡ ۾ ٻڏي فوت

news

مبارڪپور( رپورٽ:مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ ميرل پراڻو ۾ پنج ورهين جي نينگري ناديا ڌيءَ شفيع محمد چانگ ٻارڙن سان گڏ گهر ٻاهران راند ڪندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي وئي جنهن کي زمين تي ڪم ڪندڙ ماڻهن تلاءَ ۾ لهي ٻاهر ڪڍيو ۽ مبارڪپور جي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو جتي موجود ڊاڪٽر پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

معصوم نينگريءَ جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، امڙ جيجل ۽ پيءۡ کي بيهوشي جا وقفي وقفي سان دورا پوڻ لڳا، معصوم نينگري کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.