شبر زيدي حڪومت کي پنجن هزارن جو نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
ويب ڊيسڪ | 3 مھينا پھريان

اسلام آباد: ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي حڪومت کي 5 هزارن جو نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شبر زيدي حڪومت کي تجويز ڏني ته هو پهرين جولاءِ 2021 کان 5 هزار جو نوٽ بند ڪري ڇڏي ۽ اهڙي تبديلي کان ٻه مهينا اڳ آگاهه ڪري.
شبر زيدي جو چوڻ هو ته ان قدم جي مخالفت ڪندڙن کي ان جي غلط استعمال جو اندازو ناهي، ان سان هنن جا مفاد ختم ٿي ويندا.
اڳوڻي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ان سان معيشت بهتر ٿيندي ۽ بينڪاري مضبوط ٿيندي جڏهن ته رشوتخوري گهٽ ٿيندي.

166