مدئجي لڳ مرزاپور بس اسٽاپ ڀرسان ٽريڪٽر تان هيٺ ڪرڻ سبب همراهه فوت

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مرزاپور بس اسٽاپ ڀرسان مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي هلندڙ ٽريڪٽر تان هيٺ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

فوت ٿيل جو لاش ٽريڪٽر تي سوار دوستن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ ڳوٺ ڇتو منگي واسي معشوق عرف ماشن منگي طور ٿي، جنهن کانپوءِ فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾  قهرام مچي ويو.

ان سلسلي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور حقنواز سانگهرو ٻڌايو پيو ته فوت ٿيل معشوق عرف ماشن منگي سميت دوستن سان گڏجي ڪچي ۾ شڪار لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو ٽريڪٽر تان ڪري فوت ٿي ويو, خبرفائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.