نئون ڪوٽ ۾ پوليس جي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي، جوڳي فقير پاران مرلي وڄائي آزاد ڪرڻ جون التجائون

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) حڪومت سنڌ جي حڪم بعد پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪندي نئون ڪوٽ پوليس شھر ۾ ڦرندڙ پينو گلو جوڳي کي نانگ ۽ مرلي سميت نئون ڪوٽ جي ڍورو بازار مان گرفتار ڪري مٿس ورگينسي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

جوڳي فقير ٿاڻي اندر نانگ رکي مرلي وڄائي پوليس کي آزاد ڪرڻ جون التجائون ڪيون ۽ پوليس اڳيان بادشاهه پير جون جھوليون جهلي هٿ ٻڌندو رهيو.

ان موقعي تي گلو جوڳي ٻڌايو ته آئون شھر مان ڀاڄي  ۽ نياڻي لاءِ جتي وٺي گهر وڃي رهيو هئس ته پوليس مون کي صاحب جي ڪنن مان ڪيڙا ڪڍڻ بهاني ٿاڻي وٺي آئي، جتي مون تي ڪيس داخل ڪيو آهي، مون سان ناانصافي ٿي آهي، انصاف ڪيو وڃي. اسان جوڳي فقيرن پنڻ ڇڏي ڏنو آهي، اگر پنڻ نٿا ڏين ته ٻڌايو اسان جوڳي فقير پنڻ ڇڏي ڏينداسون.

رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان سنڌ حڪومت جي حڪم موجب شھر ۾ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪندي گلو جوڳي کي گرفتار ڪيو آهي. جيڪو شھر ۾ سرعام پني رهيو هو.