گيس بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ حڪومت جي لاءِ چيلنج آهي: شاهه محمود قريشي

news

ملتان: (آچر 24 جنوري 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گيس، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ حڪومت جي لاءِ چيلنج آهي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته کنڊ مافيا جي ڳٺ جوڙ سان قيمتون ٻيهر وڌي رهيون آهن. قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ اسان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي امپورٽ جو فيصلو ڪيو آهي. گيس، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌي وڃڻ حڪومت جي لاءِ چيلنج آهي، قوم کي(ن) ليگ جي بجلي ۽ گيس بابت  ڪيل معاهدن گهيري ڇڏيو آهي. مهانگائي جي بنياد(ن) ليگ رکي اسان هاڻ فصل ڪٽي رهيا آهيون.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان جي عوام چونڊيو آهي کيس سليڪٽڊ چوڻ بند ڪيو وڃي. پي ڊي ايم پارٽين ۾ هججهڙائي ناهي رهي. پي ڊي ايم  ورهائجي چڪي آهي جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جون ڳالهيون ڪندڙن عمران خان کي وزيراعظم مڃي ورتو آهي تحريڪ انصاف بي اعتمادي جي تحريڪ کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وفاقي وزير چيو ته براڊ شيٽ سان معاهدي ۾ اسان جو ڪوبه تعلق ناهي.

هن معاملي جي جاچ جي لاءِ حڪومت جنهن کي به نامزد ڪندي اپوزيشن ان تي اعتراض ڪندي. جسٽس(ر) عظمت سعيد هڪ عزتدار جج رهيو آهي. جيڪڏهن براڊ شيٽ معاملي تي اپوزيشن جو ڪردار آهي ته  کين گهٻرائڻ نه گهرجي. اپوزيشن کي اعتراض ڪرڻ بجاءِ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ گهرجي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان، افغانستان ۾ امن آڻڻ چاهي ٿو. افغانستان ۾ امن عمل جي حوالي سان نئين آمريڪي  انتظاميه کي خط لکيا آهن.