عراق ۾ دهشتگردن جو حملو، يارنهن اهلڪار مارجي ويا، ڏهه زخمي

news

بغداد: (آچر 24 جنوري 2021ع) عراق ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ رضاڪار فورس جا 11 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.

عراق ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن ڪر کنيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب داعش جي حملي ۾ رضاڪار فورس حشدالشعبي جا 11 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. دهشتگردن صوبي صلاح الدين ۾ رات جي اونداهي ۾ حشدالشعبي جي مرڪز کي نشانو بنايو هو.

واضح رهي ته عراق ۾ 2 ڏينهن اڳ خودڪش حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا هئا.