پريانڪا چوپڙا جا نڪ جونس سان قرنطينه ۾ ڏينهن ڪيئن گذريا؟

news

ممبئي: (آچر 24 جنوري 2021ع) بالي ووڊ اداڪار پريانڪا چوپڙا  پنهنجي مڙس ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس سان گڏ قرنطينه ۾ گذاريل ڏينهن بابت انڪشاف ڪيو آهي.

اداڪاره هڪ آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته منفرد پيشن سبب اسان وٽ هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ جو به وقت نه هو پر قرنطينه جي دوران اسان  ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو. قرنطينه جو وقت اسان ٻنهي جي لاءِ هڪ حقيقي تحفو هو.

پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قرنطينه  ختم ٿي ويو آهي ۽  اڃان به اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون. ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا لنڊن ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون سبب موجود آهي.

ٻئي طرف هاڻ پريانڪا چوپڙا پنهنجي ايندڙ فلم(دي وائٽ ٽائيگر) جي پروموشن ۾ به مصروف آهي ۽ لنڊن ۾ هجڻ سبب هو سمورن ايونٽس ۾ آن لائن ئي شرڪت ڪري رهي آهي.