لنڊن: (آچر 24 جنوري 2021ع)گوگل موبائل تي سرچنگ جي سهوليت ۾ تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب موبائل تي سرچنگ جي سهوليت ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾نيون تبديليون متعارف ڪرايون وينديون. گوگل بلاگ پوسٽ موجب سرچنگ نتيجن کي پڙهڻ ۾ اڳ کان وڌيڪ آساني فراهم ڪئي پئي وڃي.
سرچنگ رزلٽ ۾ اهم ڄاڻ کي نمايان ڪرڻ ۽ غير ضروري ڄاڻ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ به ڊيزائن ۾ تبديليون ڪيون وينديون. ان کان علاوه اهم ڄاڻ کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ مختلف رنگن جو استعمال به ڪيو ويندو.
هن تبديلين ۾ وڌيڪ وڏو ۽ نمايان ٽيڪسٽ کي شامل ڪيو ويندو جنهن ذريعي سرچ آسان ۽ اڳ کان وڌيڪ تيز ٿي ويندو ان کان علاوه سرچ جا نتيجا اسڪرين تي صاف نظر ايندا.