اٽلي ۾ تيرنهن سالن کان ننڍي عمر جي صارفين جا ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ بند

news

روم: (آچر 24 جنوري 2021ع) اطالوي ڊيٽا پرائيويسي واچ ڊاڪ مشهور چيني لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي حڪم ڏنو آهي ته هو اٽلي ۾ اهڙن صارفين جا اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏي جنهن جون عمرون 13 سالن کان گهٽ هجن.

اطالوي ڊيٽا پرائيويسي واچ ڊاڪ جي موجب اٽلي جي حڪومت ٽڪ ٽاڪ انتظاميه کي 15 فيبروري تائين اهڙن سمورن صارفين جا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو چيو آهي جنهن جون عمرون 13 سالن کان گهٽ هجي. سڄي دنيا ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان مشهور چيني لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ جي مشهوري ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ خاص طور تي نوجوانن ۾ ٽڪ ٽاڪ جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي.

اٽلي ۾ اهو حڪم ان واقعي کان پوءِ جاري ڪيو ويو جڏهن هڪ 10 ساله ٻارڙي ٽڪ ٽاڪ تي مشهور بليڪ آئوٽ چيلنج ۾ حصو وٺندي پنهنجي ڳچي کي پٽي سان ويڙهي ساهه روڪي وڊيو رڪارڊ  ڪئي ۽ ان دوران هو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو هو. ٻارڙي جي والدين ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ ۽ يو ٽيوب ان جي دنيا هئي ۽ هو پنهنجو گهڻو وقت ان کي استعمال ڪري ئي گذاريندو هو.

اطالوي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته هو ان معاملي تي جاچ جي شروعات ڪري چڪو آهي ۽ هو اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آيا 10 ساله ٻارڙي کي ڪنهن صارف ان چيلنج جي آڇ ڪئي هئي يا هن اهڙو پاڻ ڪيو.