پنوعاقل ڀرسان چور چوري ڪندي سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خوشي محمد آرائين ۾ چورن پاران گھر اندر واردات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ تي چورن پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هنن ھمت ڪري هڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو.

پڪڙيل چور جي سڃاڻپ ٻلهڻي واسي مرتضٰي پتافي طور ڪئي وئي، ڳوٺاڻن پاران پڪڙيل چور کي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪينٽ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.