مبارڪپور جي پوليس اهلڪار پاران وياجي خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

news

مبارڪپور (رپورٽ:مهر قربان علي) مبارڪپور شهر جو رهواسي رٽائر پوليس اهلڪار شهمير احمد ڀٽو پريس ڪلب مبارڪپور ۾ احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته مان 2018ع ۾ ڪنڌڪوٽ جي رهواسي وياجي عيصر داس کان 5 هزار ورتا ۽ ان منهنجو چيڪ بڪ پاڻ وٽ مون کان صحيح ڪرائي رکي ڇڏيو، هو مسلسل منهنجي پگهار مان 9 هزار ڪٽيندو رهيو ۽ مونکي چوندو رهيو ته تنهنجي مٿان کان پگهار گهٽ آهي جڏهن مون بينڪ جي اسٽيٽمينٽ ڪڍرائي تہ ان مان معلوم ٿيو تہ هي هر مهيني 9 هزار ڪٽيندو رهي ٿو اهڙي طرح هو اڍائي سالن کان منهنجي پگهار وياج ۾ ڪٽندو رهيو آهي.

هن چيو ته اهڙي ناانصافي خلاف مون ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کي درخواست به ڏني آهي پر آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان، منهنجو ڪوبہ داد فرياد ناهي ٿيو، مان انتهائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان.

متاثر رٽائر ملازم پوليس جماندر وڌيڪ چيو تہ مان ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کي گذارش ٿو ڪيان ته نوٽيس وٺي مونکي وياجي عيصر داس کان منهنجو چيڪ بڪ ۽ منهنجي پگهار مان کنيل پئسا موٽرائي ڏئي ۽ وياجن خلاف ڪاروائي ڪري.