ميرپورماٿيلو: دوائون وڪرو ڪرڻ خلاف ايڪشن ڪاميٽي جو ڊي ايڇ او خلاف احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ضلعي گهوٽڪي ۾ دوائون وڪرو ڪرڻ واري معامري خلاف جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ، ڪمال مهر، سينگار گبول، اڪرم ميتلو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايڇ او گهوٽڪي الطاف لوراڻي ڪروڙين روپين جو دوائون وڪرو ڪري ٿو جنهن سان گڏ هر تعلقي جو ايم ايس ملوث هجي ٿو.

هنن چيو ته ڪرپٽ ڊي ايڇ او هر مهيني ڪروڙين روپين دوائون غريب عوام کي ڏيڻ بجاءِ وڪرو ڪري ٿو، اسان ڊي سي گهوٽڪي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪرپٽ ڊي ايڇ او کي گرفتار ڪري دوائون وڪرو ڪندڙ مافيا کي وائکو ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.