نئون ڪوٽ: جوڳين جو نانگ نچائي پوليس خلاف انوکو احتجاج

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نھڙيو) نئون ڪوٽ جي جوڳين مرلي تي نانگ نچائي نئون ڪوٽ پوليس جي ناانصافين خلاف انوکو احتجاج ڪندي گلاب جوڳي، بابو جوڳي، ڏيڻو جوڳي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن کان نئون ڪوٽ پوليس اسان جوڳي فقيرن پويان رڻ ٻاري ڏنو آهي، اسان روز مره جون شيون وٺڻ يا بيماري سانگي شھر وڃون ٿا ته پوليس اسانکي گرفتار ڪري ڪيس داخل  ڪريو ڇڏي.

هنن چيو ته گذريل ڏينهن به اسانجي ٻن جوڳين تي جھڏو ۽ نئون ڪوٽ ٿاڻي تي گداگري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيا آهن جنهن کان پوءِ اسان وٽ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانيل آهي جڏهن ته اسان پنڻ وارو ڪم ڇڏي ڏنو آهي اسان محنت مزدوري ڪريون ٿا ۽ پنهنجي فن وسيلي ڪرتب ڏيکاري  چند ڏوڪڙ ڪمايون ٿا جنهن مان پيٽ جي بک اجهائڻ سان گڏ پنهنجي اولاد جي پڙهائي تي خرچ ڪريون ٿا.

هنن چيو ته تازو اسانجي ڳوٺ مان چئن نوجوانن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي آهي، اگر پوليس اسانجي رستا روڪ ڪندي ته اسان پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ وارو خرچ ڪٿان آڻيداسون، انهن کي ڪيئن پڙهائي سگهنداسين، هنن چيو ته نوجوانن کي پڙهائي اسان معاشري ۾  شعور آڻڻ چاهيون ٿا پر نئون ڪوٽ پوليس اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته جوڳي فقيرن خلاف ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي فن کي اجاڳر ڪري ۽ اولاد کي پرهائي سگهون.