نئون ڪوٽ ۾ واپاري ايسوسيئيشن جو اجلاس آصف رضا قائمخاني جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نھڙيو) نئون ڪوٽ واپاري ايسوسيئيشن نئون ڪوٽ جو اجلاس الحرا پبلڪ اسڪول ۾ واپاري ايسوسيئيشن جي صدر آصف رضا قائمخاني جي صدارت ۾ ٿي گذريو.

جنهن ۾ بابو سھيل احمد قائمخاني، سيٺ ڀيرو مل، سيٺ امين خواجه، رشيد احمد قائمخاني، عارف شمشاد، ديوڪي ڪرماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته نئون ڪوٽ مان گذرندڙ لوڊر گاڏين کي باءِ پاس تان گذارڻ جو پابند ڪيو وڃي، نئون ڪوٽ جي واپارين جو سامان کڻي ايندڙ لوڊر گاڏين کي مقرر وقت تي آڻڻ جو پابند ڪيو وڃي ته جيئن شھر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ واري آزار کان بچي سگهجي.

ان سلسلي ۾ واپاري اڳواڻ تعلقي جھڏي جي انتظاميا سان ملي ڄاڻايل مسئلن بابت آگاهه ڪندا.