باڊهه ۾ مهراڻ ادبي ڪائونسل جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) مهراڻ ادبي ڪائونسل (ماڪ) جي  هفتيوار دستوري گڏجاڻي باڊهه ۾  نوجوان اديب ۽ ميڪنيڪل انجنيئر  ڊاڪٽر امداد اللّه ٿهيم جي صدارت ۾ ٿي گذري.

گڏجاڻيءَ ۾ عمران جيلاني ڪافي، مسرور سيال شارٽ اسٽوري، ڊاڪٽر واحد بخش سولنگي، زبير علي پنهور سائل بخاريءَ ۽ فرهاد جيلانيءَ غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

عمران جيلاني جي ڪافي تي ڳالهائيندي شريڪ اديبن چيو ته ”ڪافي“ موضوعاتي حوالي سان روحانيت جي جذبن سان سرشار هوندي آهي، درد جي انتها کي بيان ڪرڻ لاءِ هيءَ صنف استعمال ٿيندي آهي. عمران جيلاني ڪافي سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي. عصا کي مذڪر بدران مونث ڪري پڙهجي ته بهتر ٿيندو.

مسرور سيال تعليم جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان شارٽ اسٽوريءَ پيش ڪئي جنھن تي پنهنجي راءِ ڏيندي سڀني چيو ته ڪهاڻيءَ جي طوالت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي، عام ڪهاڻي ئي آهي، شارٽ اسٽوري ناهي. تعليم کي آخر ۾ نروار ڪرڻ کان بهتر هو ته شروع ۾ ئي ان جو ذڪر ڪجي ها.

ڊاڪٽر واحد بخش سولنگيءَ جي غزل تي سڀني پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب غزل سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي. کين مسلسل لکندو رهڻ کپي. سندن ٻوليءَ ۾ سلاست موجود آهي. مرمر جي بدران مڪمل لفظ سنگ مرمر استعمال ڪرڻ سان مطلب واضح ٿي سگهي ٿو.

سائل بخاريءَ جي غزل تي راءِ ڏيندي سڀني چيو ته سائل بخاري سينئر شاعر آهي، هو وزن بحر تي دسترس رکي ٿو. سندس هي غزل خوبصورت خيالن تي آڌاريل آهي. کين گهرجي ته شاعريءَ ۾ پنهنجو الڳ اسلوب جوڙين.

زبير علي پنهور جي غزل تي ڳالهائيندي چيو ويو ته زبير علي پنهور جي اندر ۾ هڪ تخليقڪار موجود آهي. کيس شاعريءَ سان مسلسل لاڳاپو رکڻ گهرجي، بي ڌياني کيس نقصان رسائي سگهي ٿي. شاعريءَ لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو ته لازمي آهي ئي پر ڳالهه به رومال ۾ ويڙهي ڪرڻي هوندي آهي.

فرهاد جيلانيءَ جي غزل تي ڳالهائيندي چيو ويو ته فرهاد اجايو ڏکين لفظن جي چونڊ ڪري غزل جو رس ۽ چس وڃائي ڇڏي ٿو کيس گهرجي ته اهڙن لفظن جي چونڊ ڪري جيڪي آسانيءَ سان سمجهي سگهجن. مختلف پاسن ڏانهن پکڙجي وڃڻ سندس صحت لاءِ نقصانده آهي کيس گهرجي ته ڪنهن هڪ ايجنڊا تي ڪم ڪري ۽ ان سان ئي پنهنجي شناسائي جوڙي.

هن گڏجاڻيءَ ۾ عبدالعظيم ڪنڀر، سمير علي ڪنڀر ۽ احمد علي جيلاني پڻ شرڪت ڪري پيش ڪيل تخليقن تي ڀرپور نموني ڳالهايو. گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي ماڪَ جي سيڪريٽري جنرل فرهاد جيلانيءَ هلائي.