نوابشاهه ۾ مودي جي انتهاپسند حڪومت خلاف سماجي تنظيم ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاج

news

نوابشاہه (رپورٽ: فدا چانديو) مودي جي انتهاپسند حڪومت خلاف اين پي آئي سي ايڇ ۽ سول سوسائٽي پاران نوابشاهه جي مختلف ھنڌن تان سيد امين شاهه راشدي، ايڊووڪيٽ سڪندر ڪيريو، بقاءُاللہ سمون، عرفان گل رند، ستار قريشي، خليل ابراھيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون.

مظاهرو ڪندڙ نوابشاهه پريس ڪلب پھتا جتي انھن ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڀارتي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مودي جي پتلي کي باھه ڏئي ساڙيو.

ان موقعي تي ھنن چيو ته اقوام متحده ۽ انساني حقن جون تنظيمون مودي جي انتهاپسند حڪومت خلاف نوٽس وٺن، ھنن چيو ته انتھاپسند مودي حڪومت جون پاليسيون امن کي تباھه ڪرڻ گھرن ٿيون.

جڏھن ته ڀارت ۾ مودي حڪومت جي ظلم خلاف مسلمان، سک، دلت سميت ٻيون اقليتون برادريون سراپا احتجاج آھن.

ھنن اقوام متحده ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته ڀارتي حڪومت جي ظلم خلاف پنھنجو ڪردار ادا ڪن.