مسلم ليگ (ن) جو سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو
ويب ڊيسڪ | 1 مھينو پھريان

اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
راجا ظفر الحق ۽ شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي نائب صدر مريم نواز به شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته مريم نواز فيصلي سان پارلياماني پارٽي کي آگاهه ڪيو.
ذريعن ٻڌايو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن جي اڪثريت فيصلي جي حمايت ڪئي.

57