مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ عبدالجبار سومرو واسي نوجوان پاران معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي خودڪشي جي ڪوشش

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان ھمايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالجبار سومرو جو رھواسي 17 سالن جو نوجوان عبدالوحيد سومرو پٽ امان الله سومرو پنھنجي امڙ سان معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي گھر ۾ رکيل زرعي دوا پي ڇڏي.

جنھن کي بيھوشي واري حالت ۾ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنھن جو ڊاڪٽرن پاران نوجوان جو علاج ڪرڻ بعد سندس حياتي خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي.