ٽن مهينن دوران اڏاوتي سامان جي اگهه ۾ ٽيهه سيڪڙو واڌ
ويب ڊيسڪ | 3 مھينا پھريان

لاهور: جتي ٻين شين ۾ مهانگائي ٿي آهي اتي اڏاوتي ڪم ۾ ڪتب ايندڙ سامان ۾ پڻ مهانگائي ٿي آهي جيڪا ٽن مهينن دوران 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
لاهور ۾ هن وقت سرن جي قيمت 11 هزار مان وڌي 13 هزار في هزار ۽ سيمينٽ جي ٻوري 530 روپين مان 580 روپيا ٿي وئي آهي، سرن جا بٺا بند ٿيڻ ڪري سرن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، اهڙيءَ طرح سريو 101 روپيا في ڪلو مان وڌي 121 روپيا ڪلو ٿي ويو آهي، مارڪيٽ ۾ سريي جي قيمت 12 هزار روپيا في ٽن جي اضافي سان 1 لک 17 هزار روپيا ٿي وئي آهي، بجري 800 فٽ جو لوڊر ٽرڪ 34 هزار کان 38 هزار روپيا ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح عام مستري جي ڏهاڙي 1500 کان 1800 تائين آهي جڏهن ته مزدور جي ڏهاڙي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار تائين آهي.

157