جيڪب آباد ۾ واپڊا کي خانگائڻ خلاف ھائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي ملازمن جو احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) واپڊا کي خانگائڻ خلاف ھائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو.

وفاقي حڪومت پاران واپڊا کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف احتجاجي جلوس سيپڪو آفيس کان پريس ڪلب تائين ڪڍيو ويو، مظاهرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪيو، سخت نعريبازي ڪئي وئي، پريس ڪلب آڏو ريلي پھتي ته ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن بابو حنيف لاشاري، محمد علي شيخ، سيد اصغر شاهه، نياز ابڙو، سرفراز سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته  وفاقي سرڪار واپڊا جي نجڪاري ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي،  واپڊا جي نجڪاري ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي.

ھنن گھر ڪندي چيو ته واپڊا جي نجڪاري واري عمل کي ھميشه لاءِ دفن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.