پاڪستان ورلڊ بينڪ کان وڌيڪ قرض وٺڻ جو خواهشمند

news

اسلام آباد: پاڪستان ايندڙ 5 سالن دوران نئين پارٽنرشپ اسٽريٽجي تحت ورلڊ بينڪ کان وڌيڪ 12 ارب ڊالر قرض وٺڻ جي خواهش رکي ٿو.

اقتصادي معاملن بابت وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب مخدوم خسرو بختيار ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر Najy Benhassine   وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ايندڙ 5 سالن ڪاڻ پاڪستان ۾ ترقياتي اوليتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزارت جي اعليٰ آفيسرن موجب ان مرحلي تي ورلڊ بينڪ پاران في الحال ڪو به يقين نه ڏياريو ويو، ذريعن موجب اميند آهي ته ورلڊ بينڪ جي پاڪستان سان صلاح مشورو ايندڙ مهينن تائين مڪمل ٿي ويندو ۽ ان جو بورڊ پنجن سال قرض منصوبي جي منظوري ڏئي سگهي ٿو.

ياد رهي ته ورلڊ بينڪ پهريان ئي پاڪستان ۾ 58 منصوبن لاءِ فنانسنگ ڏئي چڪو آهي جنهن جي ماليت 12 ارب ڊالر آهي، مالياتي ادارو هن وقت 2015-21 جي ڪنٽري پارٽنرشپ اسٽريٽجي جو جائزو وٺي رهيو آهي.