بدين ۾ هائڊرو ورڪر يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) واپڊا جي نجڪاري خلاف بدين ۾ هائڊرو ورڪر يونين جو احتجاج.

خبر موجب وفاقي حڪومت پاران واپڊا کي خانگائڻ خلاف بدين ۾ واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين طرفان اڳواڻن احسان اللہ ميمڻ، غوثا خان پٺاڻ، عثمان نظاماڻي، عنايت قمبراڻي ۽ رحيم بخش جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ حيسڪو آفيس کان الله والا چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي هنن چيو تہ ملڪ ۾ هر ايندڙ حڪومت واپڊا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين حق ڏيڻ بجاءِ اداري کي خانگائڻ جون ڳالهيون ڪري ملازمن لاءِ مسئلا پيدا ڪندي رهي ٿي.

هنن وڌيڪ چيو ته ملازمن جي بار بار احتجاجن بعد خانگائڻ واري فيصلي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ بجاءِ ملتوي ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو هڪ ڀيرو ٻيهر موجوده حڪومت عوام دشمن فيصلو ڪري هڪ ڌڪ ۾ هزارين ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري معاشي قتل عام ڪرڻ چاهي ٿي جنهن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته وپڊا جا ملازم پنهنجي هر جائز مسئلي تي متحد آهن، جيڪڏهن حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته پوري ملڪ جي بجلي بند ڪري تاريخي بليڪ آئوٽ ڪيو ويندو.