ڄامشورو ۾ بروهي اتحاد جي گڏجاڻي ٿي گذري، پوليس ڏاڍ جي مذمت

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ بروھي اتحاد ڄامشورو جي گڏجاڻي ڊويزنل آرگنائيزر عبيد الله بروھي جي صدارت ھيٺ سنڌ يونيورسٽي  ھائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ ارشاد حسين بروھي جي رھائشگاهه تي ٿي گذري.

جنھن ۾ بروھي برادري جي ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ قانوندان وڪيل، ڊاڪٽر، صحافي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ پورھيتن حاجي گل محمد بروھي، رستم خان بروھي، غلام قادر بروھي، مير منور علي بروھي، فقير محمد بروھي، رفيق بروھي، لياقت بروھي، ايڊوڪيٽ سھيل بروھي، مجاھد بروھي، نور بروھي، ابراھيم بروھي ۽ نواب بروھي شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ ڄامشورو پوليس پاران ڄامشورو ۾ بروھي برادري جي ماڻھن خلاف بلاجواز گھرن تي چڙھايون ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري بيگناهه ماڻھن کي کنڀي گم ڪرڻ مٿن تشدد ڪرڻ ۽ ڄامشوري ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ڪائونسلر خميسو خان بروھي کي بلاجواز گرفتار ڪري مٿس تشدد ۽ تذليل ڪرڻ جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي سنڌ بروھي اتحاد ضلعي ڄامشورو پاران 10 ڪاميٽي جوڙي وئي.

جنھن ۾ عبيد الله بروھي، ايڊوڪيٽ محمد حسين بروھي، ارشاد حسين بروھي، خواستي خان بروھي، خميسو خان بروھي، محمد امين بروھي، عطا الله بروھي، محمد حسن بروھي، گل محمد بروھي ۽ ديدار بروھي شامل آھن.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان مسئلي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندي ڀرپور نموني احتجاج ڪيو ويندو، جنھن لاءِ ڄامشوري جي سياسي سماجي ڌرين سان رابطا ڪري ڄامشورو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.