مدئجي جي ڳتيل آبادي واري علائقي مان موبائيل جي دوڪان مان چوري، متاثر جو احتجاج
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

مدئجي(رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي جي ڳتيل آبادي واري علائقي اسٽيشن روڊ تي هدايت الله هڪڙو جي هوٽل ڀرسان نامعلوم چورن عمير ميراڻي جي موبائيل شاپ دوڪان جي ڇت ڀڃي دوڪان ۾ رکيل موبائيل فونون، سم ڪارڊ، موبائيل ڪيسنگ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.
دوڪان مالڪ پاران دوڪان کولڻ تي دوڪان جي ڇت ڀڳل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس اطلاع باوجود ڪلاڪ کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهچي دوڪان جو معائنو ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي.
ان سلسلي ۾ دوڪان مالڪ عمير ميراڻي دانهيندي چيو ته مين روڊ تي پوليس گشت توڙي چوڪيداري سسٽم هجڻ باوجود چور آساني سان دوڪان جي ڇت ڀڃي ٻه لک روپين جي ماليت جو سمورو سامان ٻهاري فرار ٿي ويا آهن.
هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته فوري طور چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ملوث چور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

67