بدين ۾ ڳوٺ حاجي عثمان چانڊيو واسي جو سس سميت زال جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ڀرسان ڳوٺ حاجي عثمان چانڊيو جي رهواسي جاڙو پُٽ رمضان ملاح پنهنجي سس مسمات زرينا ملاح سان گڏجي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪرڻ بعد صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هن جي شادي 8 سال پهرين مسمات ميرزادي ڌيءَ عرس هاليپوٽو سان ٿي پر هڪ سال پهرين جڏهن منهنجي گھرواري ڪڙيو گھنور لڳ پنهنجي پيءُ سان ملڻ وئي ته مخالفن فوٽو چانگ ۽ مير محمد چانگ وارن منهنجي زال کي اغوا ڪري وزير چانڊيو سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي ڇڏيو آهي.

جنهن خلاف ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي به شڪايت ڪئي آهي پر پوليس اسان جي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، مخالف مون کي ۽ منهنجي سس کي ماٺ ڪري ويهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته مخالف منهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيندا، هن مطالبو ڪيو ته منهنجي اغوا ٿيل زال کي بازياب ڪرايو وڃي.