بدين ۾ بيواهه پيرسن عورت جو نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پُٽ تي چرس جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج، انصاف جي اپيل
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ۾ بيواهه پيرسن عورت جو نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پُٽ تي 87 ڪلو چرس جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج، در در ڌڪا کائڻ تي مجبور، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان انصاف جي گھُر.
بدين جي وارڊ 8 جي پيرعالي شاهه پاڙي جي رهواسي پيرسن مسمات نظيران بيواهه يوسف احمداڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته بدين پوليس 13 مهينا اڳ هڪ پٽي ڀائي اي ايس آئي جي ونگار وهندي نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پُٽ شوڪت احمداڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي.
پيرسن عورت روئيندي چيو ته منهنجو مُڙس پوليس ۾ هو، جيڪو اي ايس آئي سان نه ٺهڻ جي ڪري تلهار مان ڪيترائي سال پهرين لڏي بدين آياسين پر هُن اسان کي هتي به بخش نه ڪيو ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ منهنجي پُٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي جيل روانو ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته منهنجو پُٽ موٽرسائيڪل تي بازار ويو، خبر پئي ته مٿس 87 ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس داخل ٿي ويو، صدمي ۾ منهنجو وڏو پُٽ امجد احمداڻي فوت ٿي ويو.
هن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او مُڙس جي پينشن مان رکيل 50 هزار وٺي موٽرسائيڪل واپس ڪئي ۽ چيو ته تنهنجي پُٽ کي ڪيس مان آجو ڪرايان ٿو پُٽ واپس اچڻ بدران جيل روانو ٿي ويو آهي.
هن چيو ته منهنجا پُٽ مزدوري ڪري گھر هلائين ٿا، اسان ڪٿان ايترو چرس رکي ٿا سگھون، منهنجي پُٽن تي وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيون ملن، آئون انصاف لاءِ دردر ڌڪا کائڻ تي مجبور آهيان، منهنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.
هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته پُٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ جو فوري طور نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

80