بنا سرجري جي هميشه لاءِ ڪمزور نظرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو

news

ٽوڪيو: (اربع 27 جنوري 2021ع) پري جي نظر ڪمزور هجڻ ڪافي پريشاني جو سبب هوندو آهي ڇو ته انسان چشمي کان سواءِ پري جون شيون نه ڏسي سگهندو آهي ۽ ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته اوهان سرجري ڪرايو.

پري جي نظر ڪمزور هجڻ وارا ماڻهو چڱي طريقي سان واقف هوندا ته هر وقت چشمو ۽ لينسز جو استعمال ڪيترو مشڪل هوندو آهي. هاڻ تازو ئي جاپان جي هڪ فارماسوئيڪل ڪمپني پري جي ڪمزور نظرن کان هميشه جي لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو بهترين حل ڳولي ورتو آهي. ڪبوتا فارماسوٽيڪل ڪمپني اهڙا اسمارٽ گلاسز تيار ڪيا آهن جنهن کي ڏينهن ۾ صرف هڪ ڪلاڪ لڳائڻ سان اوهان جون ڪمزور نظرون هميشه جي لاءِ صحيح ٿي سگهن ٿيون.

جاپاني ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اوهان جي اسمارٽ گلاسز کي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ يا 90 منٽن تائين پائڻ تي اوهان جون پري جون ڪمزور نظرون هميشه جي لاءِ ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون.  هن اسمارٽ گلاسز کي ٺاهيندڙ ڊاڪٽر ريو ڪبوتا چيو آهي ته هي اڃان آزمائشي مرحلي ۾ آهي ۽ اڃان اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هن چشمي کي پائڻ  کان پوءِ ان جا اثر ڪيتري وقت تائين برقرار رهندا.

ڪمپني جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته هو هن ڇشمي کي وڪرو ڪرڻ جي شروعات 2021 جي وچ کان ايشيا ۾ ڪندا ڇو ته ايشيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پري جي نظر ڪمزور هجڻ سبب مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.