جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي ورڪرز ڪنوينشن ٿي گذريو، نوان عھديدار چونڊيا ويا
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڪارڪنن سميت مرڪزي اڳواڻن جي شرڪت، نوان عھديدار چونڊيا ويا.
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي جيڪب آباد جو ورڪرز ڪنوينشن ترقي پسند ھائوس تي منعقد ڪيو ويو، ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ورڪرز ڪنوينشن ۾ مرڪزي سينئر وائس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏھي، ماليات سيڪريٽري ڊاڪٽر سومار مڱريو سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ضلعي جي باڊي جو اعلان ڪيو ويو، ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نائب صدر ممتاز ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالغفور ٻرڙو، جوائنٽ سيڪريٽري نظام الدين مستوئي، ماليات سيڪريٽري عبدالغفور ٿھيم ۽ پريس سيڪريٽري عبدالنبي مگسي کي عھدا پڻ ڏنا ويا.

44