ميرپورماٿيلو شھر جي دڪانن مان چوري ڪندڙ پينو فقيرياڻين جو گروهه سرگرم، پوليس ڪارروائي نه ڪئي
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو شهر ۾ بدامني جي باهه گهٽ نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلو شهر ۾ چوري جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ميرپورماٿيلو شھر جي دڪانن مان چوري ڪندڙ عورتن جو گروهه سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پينو فقيرياڻيون خيرات وٺڻ جي بهاني دوڪانن جي ڪائونٽر تي پيل موبائيل فون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ پُڻ اضافو اچي ويو آهي، جنهن بعد شهر ۾ پينو فقيرياڻيون ڪيترن ئي دڪانن مان موبائيل فون چوري ڪري ويون آهن.
هوڏانهن وري شھر جي مختلف دڪانن ۾ خيرات وٺڻ بھاني داخل ٿي ھٿ جي صفائي سان موبائيل فون کڻي وڃن ٿيون، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي پر ان باوجود ميرپور ماٿيلو پوليس پينو فقيرياڻين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن سبب شهر ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

72