نندو شهر لڳ ڳوٺ بولو ملاح ۾ معصوم ٻارڙو گھر ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ پير ترڪڻ سبب ڪِري ٻڏي فوت

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) نندو شهر لڳ معصوم ٻارڙو پاڻي جي کڏ ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت.

خبر موجب نندو شهر لڳ ڳوٺ بولو ملاح ۾ ٽي سالن جو ٻارڙو اويس عرف غلام مصطفيٰ پٽ عبدالرحمان ملاح سندس گھر جي پاسي راند ڪندي ڀرسان پاڻي جي کڏي ۾ پير ترڪڻ سبب ڪِري فوت ٿي ويو.

جنھن جو لاش سول اسپتال نندو مان ضروري ڪارروائي بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.