سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن (ايف اي او) پاران ريسورس سينٽر قائم ڪيو ويو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن (ايف اي او) پاران ريسورس سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ۽ ايف اي او جي ملڪي سربراهه ربيڪا بيل پاران گڏيل مفاهمت واري يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون.

ان موقعي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته زرعي يونيورسٽي سڀني لاڳاپيل ڌرين، خاص طور تي هارين جي ڀرپور شرڪت سان زرعي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي آبادگارن کي تصديق ٿيل ٻج ۽ جانورن جي افزائش، فارم ميڪينائيزيشن، فوڊ پروسيسنگ، قدرتي ۽ پاڻي جي وسيلن جي بهتر انتظام ڪاري ۾ فني مدد فراهم ڪندي رهي آهي.

هن چيو ته يونيورسٽي زرعي ٽيڪنالاجي کي هيٺئين سطح تائين منتقلي سميت زرعي تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي ماهرن وسيلي ليبارٽريز کان فيلڊ تائين متحرڪ آهي. هن چيو ته يونيورسٽي، نوجوانن کي سندن صلاحيتون اجاگر ڪرڻ ۽ سندن اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ صحتمند سرگرمين واري پروگرامن ذريعي موقعا فراهم ڪندي ۽ زراعت، موسمياتي تبديليين، فوڊ سيڪيورٽي ۽ لائيو اسٽاڪ بابت تحقيق ڪرڻ تي ترجيح هوندي.

گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي ملڪي سربراهه ربيڪا بيل چيو ته زراعت جي ميدان ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن جو اهم ڪردار آهي، خاص طور تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اهميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته زرعي يونيورسٽي جهڙا ادارا ۽ يونيورسٽيون ڳوٺاڻي معيشت کي زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي ترقي ڏياري سگهن ٿيون ۽ زرعي يونيورسٽي جون فني خدمتون، پاڪستان ۾ پائيدار ترقي جي مقصدن جي فروغ وارن منصوبن، تحقيقاتي اڀياس ۽ زراعت ۾ جدت آڻڻ لاءِ ڪارج ٿي سگهن ٿيون.

زرعي يونيورسٽي ۽ ايف اي او ٻنهي ادارن پاران قومي ۽ بين الاقوامي ادارن جي سهڪار سان ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ، لائبريري قائم ڪرڻ، ايف اي او جي ويب سائيٽ سان ڳنڍجڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون.

هن چيو ته ايف اي او ريسورس سينٽر ۾ فني ليڪچر، موسمي تبديلي، سمارٽ زراعت، تحقيق، زمين ۽ پاڻي جي وسيلن جو انتظام، پاڻي جو تحفظ، باغباني، ماهيگيري، ٻيلن، زرعي اقتصاديات، ويليو چين، ماحول ۽ قومي وسيلن جي انتظام بابت گڏيل مطالعو ڪيو ويندو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر الطاف سيال پڻ خطاب ڪيو.

افتتاحي تقريب دوران ڊين پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد مري، ايف اي او جو ڪوآرڊينيٽر علي ڏنو ڪنڀر، اشفاق ناهيون، شارق لاشاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.