ايس ايس پي جيڪب آباد پاران خراب ڪارڪردگي ۽ عوامي شڪايتن تي ايس ايڇ او معطل ۽ چار اهلڪار برطرف
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ايس ايس پي جيڪب آباد خراب ڪارڪردگي ۽ عوامي شڪايتن تي ايس ايڇ او اي سيڪشن ٺل کي سسپينڊ ۽ رورٽ، ڊي آءِ بي انچارج کي معطل، 4 پوليس اھلڪارن کي نوڪرين تان ھٽائي ڇڏيو.
ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز خراب ڪارڪردگي تي ڊي آءِ بي انچارج انيس سومرو کي ھٽائي ڇڏيو، سندس جاءِ تي لائن آفيسر انور شاهه ڊي آءِ بي انچارج مقرر، لياقت ڪنڊراڻي کي لائن آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت لاشاري کي سسپينڊ ۽ رورٽ ڪري ڇڏيو.
سندس جاءِ تي اياز پٺاڻ ايس ايڇ او ٺل مقرر جڏهن ته مولاداد ٿاڻي جي منشي منظور سومرو، پوليس اھلڪارن ارسلاح لاشاري، محمد ابراهيم بروهي ۽ محمد موسيٰ بروهي کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي ترجمان شمس بيگ ٻڌايو آهي ته خراب ڪارڪردگي ۽ عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي جيڪب آباد پاران پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

68