پرائيويسي خدشن تي صارفين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ جي نئين چال

news

نيويارڪ: (خميس 28 جنوري 2021ع) پرائيويسي ۾ تبديلين سبب صارفين تيزي سان واٽس ايپ جو استعمال ڇڏي رهيا آهن ۽ اهڙن ئي صارفين جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ کين روڪڻ جي لاءِ واٽس ايپ جون ڪوششون جاري آهن.

واٽس ايپ اعلان ڪيو آهي ته هاڻ هو صارفين سان سڌو سنئون ايپ ۾ موجود اسٽيٽس فيچر جي ذريعي رابطي ۾ رهندو. ان سلسلي ۾ هاڻ صارفين جي اسٽيٽس آپشن ۾  واٽس ايپ طرفان چار اسٽيٽس اپ لوڊ ڪيا ويا آهن. پهرين اسٽيٽس موجب واٽس ايپ انتظاميه جو چوڻ آهي ته هو صارفين کي اسٽيٽس سيڪشن ۾ وڌيڪ فيچر ۽ اپ ڊيٽس بابت آگاهه ڪندو رهندو.

واٽس ايپ ٻئي اسٽيٽس ۾ چيو آهي ته هڪ نئين شيءَ جيڪا نئين نه آهي اها اوهان جي رازداري يعني پرائيوسي لاءِ اسان جو عزم آهي. واٽس ايپ جي ٽئين اسٽيٽس ۾ صارفين کي پيغام ڏنو ويو آهي ته وڌيڪ اپ ڊيٽ جي لاءِ ڏسندا رهو.

آخري اسٽيٽس  هڪ دفعو ٻيهر صارفين کي وضاحت پيش ڪئي آهي ته واٽس ايپ اينڊ ٽو اينڊ انڪرينڊ آهي صارفين جا ڪالز يا پيغام واٽس ايپ سميت ڪو ٽيون ماڻهو يا ادارو ٻڌي يا ڏسي نٿو سگهي.