خوبصورتي لاءِ ٽن سالن دوران هڪ سئو ڀيرا سرجري ڪرائيندڙ سورنهن ساله ڇوڪري

news

بيجنگ: (خميس 28 جنوري 2021ع) سڄي دنيا جون ڇوڪريون خوبصورت نظر اچڻ جي لاءِ مختلف ميڪ اپ ۽ طريقيڪار جو استعمال ڪنديون آهن پر چين سان تعلق رکندڙ هن 16 ساله ڇوڪري بابت ڄاڻي اوهان کي به حيرت ٿيندي جنهن 3 سالن ۾ پنهنجي چهري کي خوبصورت بنائڻ جي لاءِ 100 ڀيرا  سرجري ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

چين جي 16 ساله ڇوڪري جون 100  ڀيرا سرجري جي دعوائن سبب کيس چين جي ننڍي عمر واري پلاسٽڪ سرجري جو عادي چيو ويندو آهي. زوهوجونا نالي هن چيني ڇوڪري مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ سينا ويبو تي 3 لک فالورز سان گڏ پنهنجو آن لائن پلاسٽڪ  سرجري ڪيريئر ترتيب ڏنو آهي.

3 سالن جي مختصر عرصي ۾ هڪ معمولي نظر ايندڙ ڇوڪري کان گڏي جهڙي مجسمي تائين انتهائي حيرت انگيز تبديلي تي سوشل ميڊيا صارفين به دنگ رهجي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته زوهوچونا اها واحد ڇوڪري نه آهي جنهن ننڍي عمر ۾  ميڪ اپ سرجري جي چونڊ ڪئي پر زوهو چونا جو معاملو ان لاءِ منفرد تصور ڪيو پيو وڃي ته هن  گهٽ وقت ۾ 100 ڀيرا سرجريون ڪرايون.

گهٽ وقت ۾ وڌيڪ سرجريز سبب پلاسٽڪ سرجري جي عادي زوهو چونا ياداشت جي گهٽتائي جو به شڪار ٿي چڪي آهي. زوهو چونا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پلاسٽڪ سرجري کان اڳ مان گهڻي بدصورت هوندي هئس  منهنجون اکيون تمام ننڍيون  ۽ نڪ وڏو هوندو هو جنهن سبب منهنجا دوست منهنجي مذاق اڏائيندا هئا پر هاڻ مون کي ڏسي سڀ حيران ٿي ويندا آهن.