ڏوڪري ۾ سنڌ ايجوڪيشن لوئر اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) آل سنڌ ايجوڪيشن لوئر اسٽاف تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻن سيد مٺل شاهه، احسان ڪلهوڙو، غلام ياسين پيرزادو، آصف ڪنڀر، عبدالغني ٿهيم، عابد ابڙو، قاضي وسيم الله ۽ ٻين هٿن ۾ بينر کڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا گذريل ڪيتري عرصي کان مطالبا تسليم نه ٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري اسان فاقاڪشي جو شڪار آهيون. هنن چيو ته ٽائيم اسڪيل، سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، ڪلارڪي پروموشن، وردي الائونس، بند پيل آئيڊيون، يوٽيلٽي الائونس سميت ٻيا مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري اسان فاقاڪشي جو شڪار آهيون. هنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جاري رهندو.