سڪرنڊ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪبوتر اڏائي دعائون گهريون ويو
آن لائين انڊس رپورٽر | 1 مھينو پھريان

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) سڪرنڊ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران سنڌ سميت سموري عالم ۾ امن، ڀائيچاري، پيار ۽ محبت قائم ڪرڻ لاءِ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي امن جي علامت طور پکي ڪبوتر اڏائي دعائون گهريون ويون.
ان موقعي تي محمد صديق منگيو، خير محمد چنا، رضا محمد چانڊيو، مجيد عباسي، نياز لاشاري، اياز ڪيريو ۽ حسين بخش ڪيريو چيو ته دنيا جون رونقون امن ۽ محبت سان قائم رهي سگهن ٿيون، خوشين ڀريا سماج سک ۽ پيار جي ڳانڍاپن سان جڙي سگهن ٿا. نفرت، انا، ضد، حسد ختم ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان بهتر تعلقات قائم ڪرڻا پوندا ۽ هر ذاتي، مذھبي، سياسي، سماجي متڀيد کان مٿانهون ٿي انسانيت سان همدردي ۽ سهائتا جهڙو عظيم مقصد اپنائڻو پوندو.
ان موقعي تي همت خاصخيلي، ڊاڪٽر سانول ڪيريو، عبدالرشيد پرهياڙ، شمشاد ملاح ۽ ڏاڏو چانڊيو پڻ موجود هئا.

53